ديوانِ آسو

ديوانِ آسو

ديوان آسو

ديوان آسو (ڪتاب): ديوان آسو سنڌ جي نامور صوفي آسومل عرف آسورام آسو پٽ ڏاندو مل جي سنڌي شاعريءَ جو مجموعو آهي. آسورام پراڻن هالن جو رهاڪو هو. سيد فقير علي شاهه وٽ طب جي تعليم حاصل ڪيائين. هن قرآن شريف پڻ پڙهيو. هن گهڻو ڪلام لکيو آهي. ’تاريخ سنڌي ادب‘ ۾ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته، ”سنڌ جي شاعرن ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر جو ايترو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي آسو رام جو لکيل آهي.“ آسو رام پنهنجو ديوان 1897ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ انهي سال ’ديوان آسو‘ جي نالي سان کٽڻ مل بڪ سيلر لاڙڪاڻي واري ڇپايو. هن وقت اهو ناياب ٿي چڪو آهي.


لفظ ديوان آسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو